ٿي تنين سين ڏيٺ

ٿي تنين سين ڏيٺ

ٿي تنين سين ڏيٺ

ٿي تنين سين ڏيٺ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب محقق ۽ استاد مجاهد چانڊيي جو آهي، هن ڪتاب کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ چانڊيا قبيلي پاران مختلف وقتن تي وڙهيل جنگين ۽ مختلف شخصيتن سان ڪچهري جو احوال ڏنو ويو آهي. ٻئي ڀاڱي ۾ چانڊين جو شجرو، بلوچن ۽ چانڊين بابت مفروضا، سسئي، پنهون، هوت، بلوچ ۽ آري ڄام تي تحقيق، حاجي سوڀي خان چانڊيي، خانبهادر خير محمد چانڊيي جو شجرو ۽ خاندان بابت احوال شامل آهي، جڏهن ته ٽئين ڀاڱي ۾ حاجي سوڀي چانڊيي جي زندگيءَ تي تاثرات ڏنا ويا آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ ايڇ. ايم. چانڊيي لکيو آهي. ڪتاب ۾ مختلف شخصيتن جا رنگين فوٽو به ڏنا ويا آهن.
ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب ۾ 489 صفحا آهن. هيءُ ڪتاب چانڊڪا اڪيڊمي آف ليٽرس، لاڙڪاڻي 2001ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 400 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو